سهجرام توشڪچي

سهجرام توشڪچي: سهجرام اصل ۾ ڪلهوڙن جي توشاخاني جو سنڀاليندڙ هو. توشاخاني ۾ بادشاهه جا قيمتي سامان ۽ ڪتاب هوندا آهن، جن جون ڪنجيون جنهن سنڀاليندڙ وٽ هونديون هيون، ان کي ’توشڪي‘ يا ’توشڪچي‘ چيو ويندو هو. سهجرام به ڪلهوڙن جو ’توشڪي‘ هو. سهجرام ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ’توشڪي‘ هو ۽ ڏاڍو ايماندار هو. ميان نور محمد جي دور ۾ جڏهن نادر شاهه، سنڌ تي حملو ڪيو ته سهجرام هيرا جواهر ۽ قلمي ناياب طلائي نسخا ائين لڪائي ڇڏيا، ڄڻ توشڪ ۾ هئا ئي ڪونه. جڏهن نادر شاهه واپس ويو، تڏهن سهجرام اهو سڄو مال ميان نور محمد آڏو وڃي پيش ڪيو، جنهن کي ڏسي ميان نور محمد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سهجرام کي انعام ۽ اڪرام ڏنائين. واضح رهي ته توشڪي سامان لڪائڻ ۾ ماهر هوندا هئا ۽ ان خفيه جاءِ جي صرف توشڪي ۽ بادشاهه کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به خبر نه هوندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو